پليجو عبدالرحمان

پليجو، عبدالرحمان: اديب، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن، عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ منگر پليجي ۽ ٺٽي جي آخوند براديه پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. انگريزي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ان کانپوءِ ڪاليج ٺٽي مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص جامعه عربيه حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. ادب ۽ صحافت سان دلچسپيءَ سبب هن روزانه نئين سنڌ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائيءَ وٽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ 1966ع ۾ سنڌ جي ڪثيرالاشاعت ماهوار رسالي ’بادل‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ يوسف شاهين جي هفتيوار اخباربرسات‘ (ڪراچي) جو به ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر رهيو.
عبدالرحمان پليجي 1967ع ۾ سوويت يونين جي پريس ڊپارٽمينٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي جي انچارج طور به ڪم ڪيو ۽ هن 1972ع کان وڪالت شروع ڪيائين. سنڌ جي شاگرد تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ سياسي معاملن ۾ به سدائين سرگرم رهيو آهي. عبدالرحمان پليجي کي ويهارو سال اڳ ڳلي جو ڪينسر ٿيو، جنهن جو علاج 1990ع ڌاري لنڊن مان ڪرايائين. 1992ع ۾ هڪ وڏي ۽ ڪامياب آپريشن کان پوءِ چڱو ڀلو ٿي واپس وريو.
2009ع جي شروعات ۾ وري کيس ڄنگهه ۾ ڪينسر ٿيو، ۽ کيس وري آمريڪا مان علاج ڪرائڻو پيو، پر سندس بيماري مڪمل ختم ٿي نه سگهي آهي. سندس رهائش مڪليءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.17  عيسوي

عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد سومرو ڊاڪٽر
ارون ڌتي راءِ
جوش شيخ عبدالحليم
جارج-5
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
ارباب توڳاچي خانصاحب
راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
بهار علي بهار
تاجل بيوس
ايشور آنچل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون